پاٽائي شيخ معروف

پاٽائي، شيخ معروف: پاٽ شهر جي صديقي خاندان جا ٻه ڀائر شيخ معروف ۽ شيخ عثمان وڏا عالم ۽ صوفي ٿي گذريا آهن، شيخ معروف، شيخ طاهر بن يوسف پاٽائيءَ جو سڳو سؤٽ هو، جنهن مان مشهور ولي ۽ عالم شيخ عيسيٰ سنڌي برهانپوري پيدا ٿيو. شيخ طاهر کان روايت آهي ته ”جڏهن اسين سنڌ ۾ هئاسين ته شيخ معروف'>پاٽائي شيخ معروف ۽ شيخ عثمان کان وحدت الوجود جون ڳالهيون ٻڌندا هئاسين، پر منهنجي سمجهه ۾ ڪجهه به نه ايندو هو. آئون ان وقت ”مرصاد العباد“ پڙهندو هئس پر اهو ڪتاب به منهنجي سمجهه کان مٿي هو. هي ٻئي سنڌ جا مشهور بزرگ قاضي قاضن بکريءَ (958 هه/1551ع ) جا همعصر ۽ دوست هئا. قسمت سان پنهنجي ڳوٺ کي ڇڏي سيتپور ۾ اچي رهيا، جتي انهن جا ڪيترائي ماڻهو مريد ۽ معتقد ٿي ويا هئا، ماڻهو انهن بزرگن جي موجودگيءَ کي غنيمت سمجهندا هئا ۽ هميشه انهن وٽان فيض حاصل ڪندا هئا، هنن ٻنهي بزرگن سيت پور ۾ ئي وفات ڪئي، هنن جي تاريخ وفات معلوم نه ٿي سگهي آهي، پر هي بزرگ ڏهين صدي هجري ۾ ٿي گذريا آهن.


لفظ پاٽائي شيخ معروفھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو